2018 ۾ 90 سيڪڙو پيسو ۽ پيار زندگي مان موڪلائي ويو : اداڪار آغا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور اداڪار ۽ گلوڪار آغا علي انڪشاف ڪيو آهي ته 2018 جو سال هن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيو هو.

اداڪار آغا علي تازو خانگي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن سان گڏ اداڪارا امر خان به موجود هئي.

آغا علي ماضي کي ياد ڪندي پنهنجي تجربن بابت ڳالهايو. هن چيو ته 2018 هڪ اهڙو سال رهيو هو جنهن ۾ هن 90 سيڪڙو دولت هڪ هنڌ انويسٽ ڪئي ۽ نقصان ٿيو. ان ئي سال سندس هڪ رشتو ٽٽي پيو. 99 سيڪڙو ماڻهو کيس خراب ڳالهائيندا هيا ۽ هو پاڻ کي سماجي رابطن جي وابسائيٽس تي منفي ڪردار طور پيو ڏسي ۽ سندس وزن به وڌي ويو هو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Galaxy Lollywood (@galaxylollywood)

هن 2018 ۾ ئي عمرو ڪيو جنهن بعد آستي آستي سندس حالتون سڌرنديون ويون، ان وچ ۾ هن پاڻ کي خدا جي ويجهو محسوس ڪيو. عمري کانپوءِ سندس زندگي گذارڻ جو طريقو ۽ خيال مٽجي ويا.

واضح رهي ته اداڪار آغا علي ۽ اداڪارا سارا خان رومانوي رشتي ۾ جڙيا هئا پر بعد ۾ ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي وئي. اداڪارا سارا علي خان فلڪ شبير سان شادي ڪري ڇڏي کين نياڻي جو اولاد به آهي جڏهن ته 2020 جي ڪورونا لاڪ ڊائون ۾ اداڪار آغا علي به حنا الطاف سان چپ چپات ۾ نڪاح ڪري ڇڏيو بعد ۾ اعلان ڪيو. اڄ ڪلهه ٻنهي ۾ عليحدگي جون خبرون هلي رهيون آهن. اداڪار آغا علي اڪيلو ئي ٻاهريان ملڪ گهمي ٿو جڏهن ته حنا الطاب پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان ٻنهي جون گڏ تصويرون به ڊيليٽ ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.