آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان کي وڏو جهٽڪو

دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، جڏهن ته پاڪستان کان چوٿين پوزيشن کسجي وئي آهي.
سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ ڇهين کان چوٿين نمبر تي اچي وئي آهي.
سريلنڪا چٽاگانگ ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش کي 192 رنسن تان شڪست ڏيڻ بعد چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏه ته بنگلاديش جي ٽيم سيريز هارائڻ کانپوءِ ڇهين کان اٺين نمبر تي هلي وئي آهي.
آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي رينڪنگ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم چوٿين کان پنجين نمبر تي هلي وئي آهي.
ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ ڀارت پهرئين، آسٽريليا ٻئي ۽ نيوزيلينڊ ٽئين نمبر تي آهي جڏهن ته رينڪنگ ۾ ويسٽ انڊيز جو ڇهون ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ستون نمبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.