ڪورين اسٽار ڪرينا مداحن خاطر محبت قربان ڪري ڇڏي

سيول(ويب ڊيسڪ) ڪورين اسٽار، ڳائڻي ڪرينا نئون تعلق جوڙڻ تي مداحن پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ تي معافي گهري ۽ ٻيهر سنگل ٿي وئي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب ڪرينا کي نئون تعلق جوڙيندي اڃا ڪجهه هفتا ئي ٿيا هئا ته سندس متحرڪ ۽ پرجوش مداحن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو، مداحن جي منفي تبصرن جي خوف تي ڪرينا پنهنجو رشتو ختم ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪرينا ۽ اداڪار لي جي ووڊ کي پنج هفتا اڳ گڏ ڏٺو ويو هو. ٻئي پاسي پرڏيهي خابرو اداري موجب اداڪار پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ خاطر رشتو ختم ڪري ڇڏيو آهي. جوڙيءَ موجب فيبروري ۾ ٻنهي جي رومانوي رشتي بابت خبرون هلن پيون.

ميڊيا رپورٽس موجب ڪرينا رومانوي رشتي بابت خبر سامهون اچڻ تي تنقيد جو نشانو بڻجي وئي هئي. مداح سندس پوسٽ تي تبصرا ڪندي نظر آيا ته ”ڇا توهان کي مداحن کان محبت نه ملي؟ اهڙو فيصلو ڇو ڪيو؟  ڪجهه مداحن هن کان مطالبو ڪيو ته سڌي ريت مداحن کان معافي ورتي وڃي ٻي صورت سندس البم جي وڪري ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ڪنسرٽ ۾ خالي سيٽن کي منهن ڏيڻو پوندو. انهن تبصرن کي ڏسڻ کانپوءِ ڪرينا پنهنجي هٿ سان لکي انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيو ته هوءَ سندن مداحن کان معزرت ٿي ڪري هاڻي محنت سان پنهنجو ڪم ڪندي.

جڏهن ته ڪجهه مداحن سندس جي حق لاءِ لکيو ته اسٽارز جي ذاتي زندگي به هوندي آهي کين پريشان نه ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.