ڏهن ورهين بعد هڪ ڀيرو وري ” مها ليگ “ شروع ڪري جون تياريون!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڏهن ورهين کانپوءِ هڪ ڀيرو وري چيمپيئنز ليگ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کي بحال ڪرڻ جون تياريون ٿيڻ لڳيون .
ميڊيا رپورٽن موجب، سال 2014ع ۾ آخري ڀيرو ٽورنامينٽ جو انعقاد ڀارت ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ چنائي سپر ڪنگز بئنگلورو ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز کي شڪست ڏئي ٽائٽل کٽيو هو.
ان ايڊيشن ۾ ڀارت جون 3، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جون، 2، 2 جڏهن ته پاڪستان، ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ جي هڪ، هڪ ٽيم حصو ورتو هو.
چيمپيئنز ليگ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کي بحال ڪرڻ لاءِ ڀارت، آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊز رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن.
ڪرڪيٽ وڪٽوريا جي سي ايِ او نِڪ ڪمنز جو چوڻ آهي ته ٽنهي بورڊن جي وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن جڏهن ته ٽورنامينٽ لاءِ ونڊو جي ڳولا ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي.
هن چيو ته چيمپيئنز ليگ جو پهريون ايڊيشن وقت کان اڳ هو ڇاڪاڻ ته ان وقت منظرنامو پختو نه هو پر هاڻي صحيح وقت آهي.
سندس چوڻ هو ته آءِ سي سي ٽورنامينٽس کانسواءِ سيريز ۽ فرنچائز ليگ به آهن جنهن سبب اسان کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
هن چيو ته چيمپيئنز ليگ ٽي ٽوئنٽي لاءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ايِ او نِڪ هاڪلي سان باظابطا ڳالهيون ڪري رهيا آهيون جڏهن ته جئه شاهه سان ملاقات کانپوءِ ڪو حتمي فيصلو ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته هو اڃا تائين اِهو ناهن ڄاڻي سگهيا ته ڪهڙي ليگ بهترين آهي، آءِ پي ايل، پي ايس ايل يا بِگ بيش؟ اسان رڳو هڪ ئي طريقي سان ڄاڻي سگهون ٿا اِهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ته ميلبورن اسٽار ڪراچي ڪنگز يا ممبئي انڊينز سان مقابلو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.