سنڌ سرڪار سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي مڙهيل پابندي ختم ڪري ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪار سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي مڙهيل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي.
سنڌ حڪومت ترجمان موجب، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينا سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي مڙهيل پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته قانون وارو وزير ۽ ايڊووڪيٽ جنرل عدالتن ۾ به ڀرتين تي پابندي کي ختم ڪرائين.
اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج جي حوالي سان ڊونر ايجنسيز جي سهڪار سان سئو ملين ڊالرز جون رٿائون شروع ڪيون ويون آهن، رٿائون صاف پاڻي جي فراهمي ۽ واٽر بورڊ جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ آهن.
وڏي وزير موجب، منصوبن جي مجموعي لاڳت جو چاليهه سيڪڙو عالمي بئنڪ ادا ڪندي جڏهن ته چاليهه سيڪڙو اي آءِ آءِ بي ۽ ويهه سيڪڙو سنڌ حڪومت ادا ڪندي.
ٻئي پاسي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته پرائيمري ۽ جونيئر ايليمنٽري اسڪول ٽيچرز جي ڀرتين تي مڙهيل پابندي ختم ڪئي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيوته اسڪول استادن جي ڀرتين جو عمل عيد کانپوءِ شروع ٿيندو، ڪواليفاءِ ڪندڙ اميدوار پنهنجا دستاويز تيار رکن، عيد کانپوءِ ڀرتين جو اعلان ٿيندو، ڪامياب اميدوار لاڳاپيل ڊي اي او وٽ دستاويز جمع ڪرائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.