آرمي چيف جي صدر سان ملاقات، فوج خلاف سياسي پارٽي جي الزامن تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداريءَ سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير ملاقات ڪئي آهي.
آرمي چيف طرفان آصف زرداري کي ملڪ جي صدر ۽ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس ڪامياب مدت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
آرمي چيف صدر کي دهشتگردي خلاف جاري فوجي آپريشنز بابت آگاهه ڪيو ۽ روايتي خطرن خلاف آپريشنل تيارين تي به روشني وڌي.
ملاقات دوران جنرل عاصم منير ترقياتي رٿائن ۾ فوج جي ڪردار بابت به آگاهه ڪيو.
ملاقات ۾ صدر پاڪستان جي هٿياربند فوج جي مثالي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته رياستي خودمختياري، علائقائي سالميت جي تحفظ ۾ فوج جو ڪارائتو ڪردار رهيو آهي.
صدر قوم لاءِ جانين جو نذرانو ڏيندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ سدائين پاڪستاني قوم جي طاقت جي علامت بڻيل رهنديون.
ملاقات دوران صدر هڪ سياسي پارٽي سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهن طرفان اداري تي بي بنياد ۽ بنا سبب الزامن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.