شاهينن خلاف اهم رانديگرن کان محروم 15 رڪني ڪيوي اسڪواڊ جو اعلان

ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) 18 اپريل کان شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان خلاف نيوزيلينڊ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
نيوزيلينڊ جي اهم رانديگرن جي غيرموجودگيءَ جي ڪري آل رائونڊر مائيڪل بريس ويل کي ڪيوي ٽيم جي قيادت سونپي وئي آهي.
ڪيوي ٽيم جي ڪپتان وليمسن ۽ مچل سينٽنر سميت 9 اهم رانديگر آءِ پي ايل ۽ ڪائونٽي کيڏڻ سبب ٽيم ۾ موجود نه هوندا.
ڪائونٽي کيڏڻ سبب ول ينگ ۽ گهريلو مصروفيتن سبب ٽام ليٿم به ٽيم ۾ نه هوندو، جڏهن ته ٽم سائوٿي کي آرام ڏنو ويو آهي.
اسڪواڊ ۾ تجربيڪار نئين ٽئلينٽ کي شامل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 7 رانديگر اڳ ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو رهي چڪا آهن.
نيوزيلينڊ اسڪواڊ ۾ بريس ويل ڪپتان، فن ايلن، مارڪ چيپ مين، جوش ڪلارڪسن، جيڪب ڊفي، ڊين فاڪس ڪرافٽ، بين لسٽر، ڪول، ميڪونچي، ايڊم ملني، جمي نيشم، ول اوورڪي، ٽم رابنسن، بين سيئرز، ٽم سيفرٽ، ايش سوڌي شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.