اي آءِ انسانيت جي بقا لاءِ خطرو آهي پر رسڪ کڻڻ گهرجي: مسڪ

ٽيسلا، اسپيس ايڪس ۽ ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ وڏي وقت کان آرٽي فيشل انٽيليجنس(اي آءِ) ٽيڪنالوجي کي انسانيت جي بقا لاءِ خطرو قرار ڏئي رهيو آهي.

هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر هن اي آءِ ٽيڪنالوجي کي انسانيت جي بقا لاءِ خطرو چئي ڇڏيو آهي، پر سندس خيال ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اهڙا خطرا کڻڻ گهرجن. هڪ ڪانفرنس ۾ ايلون مسڪ اي آءِ ٽيڪنالوجي جي خطرن تي ڳالهه ويچار ونڊيا. هن چيو ته هو ماڻهن جي انهن اندازن سان متفق آهي ته اهڙو 10 کان 20 سيڪڙو امڪان آهي ته اي آءِ ٽيڪنالوجي انسانيت جو خاتمو ڪندي. پر اهڙو مثبت نظريو ان منفي نظريي کان وڌيڪ آهي.

رپورٽ موجب ايلون مسڪ اهو واضح ناهي ٻڌايو ته اهڙو اندازو هن ڪهڙي تجربي جي آڌار تي ڪيو آهي. جڏهن ته هن چيو ته 2030 تائين اي آءِ ٽيڪنالوجي ماڻهن کان وڌيڪ ذهين هوندي، ان لاءِ ٽيڪنالوجي جي منفي اثرن بابت انسانن کي وڌيڪ محتاط رهڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ماهرن کي گهرجي ته اي آءِ کي هميشه سچ ڳالهائڻ ۽ جوشيلو رهڻ جي تربيت ڏيڻ گهرجي.

رپورٽ موجب ايلون مسڪ چيو آهي ته اي آءِ جي خطرن کان انسانن کي محفوظ رکڻ لاءِ سندس رٿ ڏاڍي سولي آهي، ان تي رڳو ڪم ڪرڻو پوندو ته اي آءِ هميشا سچ ڳالهائي ڇاڪاڻ ته هڪ ڀيرو ڪوڙ ڳالهائڻ بعد ان کي روڪڻ ڏکيو ٿي ويندو. ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي مسڪ جو چوڻ آهي ته ٽيڪنالوجي انسانيت جي وجود لاءِ خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته انسانن کي پاڻ کان وڌيڪ ذهين مشين سان مقابلو ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته انسان ٻي مخلوق کان وڌيڪ طاقتور يا تيز ناهي پر ذهين آهي جڏهن ته هاڻي انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڻ کان وڌيڪ ذهين شيءِ کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

ايلون مسڪ چيو ته سدنس خيال آهي ته انسانيت جي بقا لاءِ وڏو خطرو ٽيڪنالوجي آهي ۽ اي آءِ جي اڳڀرائي ڏسڻ سان لڳي ٿو ته اها وڏو خطرو بڻجي اڀرندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.