سنڌ حڪومت جو استعمال ٿيل گاڏين جي ٽرانسفر تي فزيڪل فٽنس چيڪنگ ختم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت استعمال ٿيل گاڏين جي ٽرانسفر تي فزيڪل فٽينس چيڪنگ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ حڪومت استعمال ٿيل گاڏين جي ٽرانسفر تي فزيڪل فٽينس چيڪنگ ختم ڪرڻ ۽ گاڏين جي آن لائن ٽرانسفر لاءِ سافٽ ويئر لانچ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو.
شرجيل ميمڻ چيو ته گاڏين جي ٽرانسفر تي دفتري ڪاغذي ڪارروائي في الحال جاري رهندي پر جلد ئي ان کي به ختم ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺي واپارين جي مسئلن کي حل ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت سدائين واپارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.