پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ، مصدق ملڪ سبب ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته پ پ اسان کان اڳ پي ٽي آءِ کي گڏجي حڪومت ٺاهڻ لاءِ چيو هو.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ اڪثريت ۾ هئي ته حڪومت ٺاهي ها، پ پ سان اتحاد سٺي انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي.
هن چيو ته سياسي استحڪام سان معاشي استحڪام ايندو، شهباز شريف اڳ به چارٽر آف اڪنامڪ جي آڇ ڪري چڪو آهي، اختلاف هلندا رهندا آهن، اسان کي ملڪي مفاد ۾ هڪ ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو عالمي مارڪيٽ ۾ جڏهن تيل جا اگهه وڌندا ته سڀ متاثر ٿيندا، ڊالر جو اگهه وڌڻ سان به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.