آءِ پي ايل جي مهانگي ترين بالر جا بيٽرن ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) 2024ع ۾ سڀ کان مهانگو وڪرو ٿيل آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ رنسون ڏيڻ ۾ به سڀ کان مهانگو ثابت ٿيو آهي.
بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز مچل اسٽارڪ کي 44 لک 30 هزار آسٽريلوي ڊالرز ( 24 ڪروڙ 75 لک ڀارتي رپين کان وڌيڪ ) ۾ خرد ڪيو هو، فاسٽ بالر هنيئر تائين آءِ پي ايل جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو رانديگر آهي.
مچل اسٽارڪ هڪ بال جو معاوضو 13 هزار آسٽريلوي ڊالر کان وڌيڪ ٿئي ٿو، پر هو هنيئر تائين بنا ڪنهن وڪيٽ جي سئو رنسون ڏئي چڪو آهي.
اهڙي ريت هو رنسون ڏيڻ جي حوالي سان به آءِ پي ايل جي هلندڙ سيزن جو سڀ کان مهانگو بالر ثابت ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.