سنڌ پوليس ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرن جون ڀرتيون شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ۾ 1046 اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرن جي سڌي ريت ڀرتي جي شروعات ڪئي وئي.
ان سلسلي ۾ صوبائي گهرو کاتي جي پوليس ڊپارٽمينٽ جي سيڪشن آفيسر منظور علي ٿيٻي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب 1046 ڀرتين ۾ 157 عورتن ۽ 53 اقليتي اميدوارن کي اي ايس آءِ جي گريڊ 11 جي عهدن تي مقرر ڪيو ويندو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي رينج ۾ 38 اقليتي ۽ 113 عورتن سميت 753 ڀرتيون ڪيون وينديون.
ان کانسواءِ حيدرآباد رينج لاءِ 154، ميرپورخاص ۾ 23، شهيد بينظير آباد 38، سکر 38 ۽ لاڙڪاڻي رينج ۾ 39 اي ايس آءِ ڀرتي ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.