پريانڪا چوپڙا جي فلم ”ٽائيگر“ 22 اپريل تي ريليز ٿيندي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا پنهنجي نئين فلم ٽائيگر جي ريليز جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پريانڪا چوپڙا پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ نئين فلم ٽائيگر جو پوسٽر ونڊ ڪيو آهي، ڊزني جي فلم ۾ پريانڪا چوپڙا امبا نالي شينهڻ جي ڪردار کي پنهنجو آواز ڏنو آهي.

پريانڪا پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته فلم ٽائيگر جي ڪهاڻي جهنگ ۽ ان ۾ ٿيندڙ هر شيءِ ۽ هر واقعي بابت آهي. ان ۾ محبت، تڪرار، بک، بقا جي جنگ سميت گهڻو ڪجهه آهي. فلم 22 اپريل تي ريليز ٿيندي. ان تاريخ تي دنيا ۾ ارٿ ڊي ملهايو ويندو آهي، فلم کي پورو ٿيڻ ۾ 8 سالن جو وڏو عرصو لڳو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.