سينيٽ اليڪشن: اسلام آباد جي سيٽن تي حڪومتي اتحاد جو اسحاق ڊار ۽ راڻا محمود ڪامياب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي سينيٽ لاءِ ٽيڪنوڪريٽ ۽ جنرل سيٽن تي حڪومتي اتحاد جا اميدوار پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ راڻا محمود ڪامياب ٿي ويا.
اسلام آباد جي جنرل ۽ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي ٻن ٻن اميدوارن ۾ مقابلو هو، ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي اسحاق ڊار جو مقابلو سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار راجا انصر محمود، جڏهن ته جنرل سيٽ تي حڪومتي اتحاد جي راڻا محمود الحسن جو مقابلو سني اتحاد ڪائونسل جي فرزند علي شاهه سان هو.
حڪومتي اتحاد جو اميدوار اسحاق ڊار ٽيڪنوڪريٽ ۽ راڻا محمود الحسن جنرل سيٽ تي ڪامياب ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.