ڪرڪيٽرن جا ميسيج، نوال سعيد هڪ ڀيرو ٻيهر خاموشي ٽوڙي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا نوال سعيد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽرز پاران نياپا موڪلڻ تي چيو ته لازمي ناهي ته کيس ميسيج ڪندڙ ڪرڪيٽر غير شادي شده هجن.

رپورٽ موجب نوال سعيد تازو هڪ خانگي ٽي وي چينل ۾ شرڪت ڪئي جتي هن هڪ ڀيرو ٻيهر پراڻن ڪرڪيٽرن پاران ميسيج موڪلڻ واري معاملي تي کليل ڳالهه ٻولهه ڪئي.

اداڪارا جو چوڻ هو ته هڪ ٽي وي شو جي دوران سندس وات مان ڪرڪيٽرز بابت ايئن ئي ڳالهه نڪري وئي هئي پر هن چيو ته سندس ڳالهه ڪوڙي نه هئي.

اداڪارا پاران ڪرڪيٽرن بابت سوال ڪرڻ تي مختلف ڪرڪيٽرن جا نالا ورتا ويا جنهن تي نوال سعيد مسڪرائيندي رهي. ان وچ ۾ ميزبان چيو ته جيترا به غير شادي شده ڪرڪيٽر آهن انهن جا نالا ورتا وڃن جنهن تي مرڪ ڏيندي نوال سعيد چيو ته لازمي ناهي ميسيج ڪندڙ رڳو غيرشادي شده ئي هجن. ان تي ميزبان پڇيو ته کيس شعيب ملڪ ته ميسيجز نه ڪيا؟ جنهن تي اداڪارا مسڪرائيندي رهي ۽ ڪنهن به ڪرڪيٽر جو نالو نه ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.