عالمي بئنڪ پاڪستانين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ ايندڙ سال پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽجڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
عالمي بئنڪ پاڪستان ڊيولپمينٽ آئوٽ لڪ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي ايندڙ 3 سالن ۾ 3 سيڪڙو کان گهٽ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
عالمي بئنڪ موجب هلندڙ مالي سال پاڪستان جي اوسر جي شرح 1.8 سيڪڙو، سال 2025 ۾ 2.3 سيڪڙو ۽ سال 2026 ۾ 2.7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال زرعي اوسر جي شرح 3 سيڪڙو، سال 2025 ۾ 2.2 سيڪڙو ۽ سال 2026 ۾ 2.7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.
عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال مهانگائي جي شرح 26 سيڪڙو، جڏهن ته مالي سال 2025 ۾ 15 سيڪڙو تائين ۽ مالي سال 2026 ۾ 11.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.
عالمي بئنڪ موجب هلندڙ مالي سال صنعتي ترقي جي اوسر 1.8 سيڪڙو، 2025 ۾ 2.2 سيڪڙو ۽ 2026 ۾ 2.4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ هلندڙ مالي سال مالياتي خسارو جي ڊي پي جي 8 سيڪڙو تائين، مالي سال 2025 ۾ 7.4 سيڪڙو ۽ 2026 ۾ جي ڊي پي جي 6.6 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.