آءِ پي ايل: مهيندر سنگهه ڌونيءَ تاريخ رقم ڪري ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي عظيم ڪپتان ۽ انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز چنائي سپر ڪنگز جي وڪيٽ ڪيپر مهيندر سنگهه ڌوني ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ اهم ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.
مهيندر سنگهه ڌونيءَ جو شمار دنيا جي بهترين وڪيٽ ڪيپر ۽ ڪپتانن ۾ ٿيندو آهي هن هڪ ڀيرو وري ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ پنهنجي اهميت مڃائي ورتي آهي.
ڌوني مختصر فارميٽ ۾ وڪيٽن پٺيان ٽي سئو شڪار ڪندڙ دنيا جي پهرئين وڪيٽ ڪيپر هئڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by ESPNcricinfo (@espncricinfo)


هن اِهو ڪارنامو آچر ڏينهن آءِ پي ايل ۾ چنائي سپر ڪنگز جي نمائندگي ڪندي دهلي ڪيپيٽلز جي پرٿوي شا جو ڪئچ پڪڙي انجام ڏنو.
ايم ايس ڌوني 367 ٽي ٽوئنٽي مقابلن ۾ ٽي سئو شڪار مڪمل ڪيا، ان فهرست ۾ ٻيو نمبر پاڪستان جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل جو آهي، جنهن 281 اننگز ۾ 274 شڪار ڪيا آهن.
ياد رهي ته آءِ پي ايل 2024ع جو سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ چنائي سپر ڪنگز کي مجموعي طور ست ڀيرا چيمپيئن بڻائيندڙ مهيندر ڌوني ٽيم جي ڪپتاني تان هٿ کڻي ورتو هو، سندس جاءِ تي رِتو راج گائيڪواڊ کي ٽيم جي قيادت سونپي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.