بين اسٽوڪس جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ نه کيڏڻ جو اعلان

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ ( اي سي بي ) ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ نه کيڏڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
انگلش بورڊ موجب، بين اسٽوڪس ورلڊ ڪپ جي سليڪشن ۾ دلچسپي نه رکڻ جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته سندس پهرين ترجيح بالنگ لاءِ مڪمل طور فٽ ٿيڻ آهي.
اي سي بي جو چوڻ آهي ته بين اسٽوڪس نه رڳو سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ پر مستقبل لاءِ به پاڻ کي فٽ رکڻ جو خواهشمند آهي.
ان حوالي سان انگلش ڪرڪيٽر بين اسٽوڪس جو چوڻ آهي ته بالنگ فٽنس حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهيان، سمورن فارميٽن ۾ آل رائوندر طور کيڏڻ چاهيان ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته آءِ پي ايل ۽ ورلڊ ڪپ جي قرباني ڏيڻ سان مستقبل ۾ آل رائوندر جي حيثيت ۾ کيڏڻ ۾ مدد ملندي، ڪپتان، ڪوچ ۽ سموري ٽيم لاءِ نيڪ خواهشون رکان ٿو.

 

ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.