چٽاگانگ ٽيسٽ: دنيش چنديمل ميچ اڌ ۾ ڇڏي وطن واپس موٽي ويو

چٽاگانگ ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن بيٽر دنيش چنديمل بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ اڌ ۾ ڇڏي ڏيهه واپس روانو ٿي ويو .
بنگلاديش جي دوري تي موجود سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم ميزبان ٽيم خلاف ٻي ٽيسٽ کيڏي رهي آهي.
ٻي ٽيسٽ ميچ دوران سريلنڪن ڪرڪيٽر دنيش ذاتي سببن جي بنياد تي وطن واپس روانو ٿي ويو آهي.
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ موجب، دنيش چنديمل فيملي ۾ ميڊيڪل سببن جي بنياد تي ميچ تان هٿ کڻي ورتو آهي.
ياد رهي ته چٽاگانگ ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن بنگلاديشي ٽيم سريلنڪا جي 511 رنسن جي جواب ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 268 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، ٻي ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ سريلنڪا کي ٽي وڪيٽون ۽ بنگلاديش کي 243 رنسون گهربل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.