ڪروڙين رپين جي قرضي پي ايڇ ايف جو پرڏيهي ڪوچ آڻڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان هاڪي ٽيم لاءِ پرڏيهي ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ نيڌرلينڊز جي رولنٽ اولٽمنز مضبوط اميدوار آهي ساڻس گڏ سپورٽ اسٽاف ۾ ملڪي ڪوچ شامل هوندا.
اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ لاءِ قومي ٽيم جي تربيتي ڪئمپ 15 اپريل کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي جنهن لاءِ امڪاني رانديگرن جي نالن جو اعلان جلد ڪيو ويندو.
پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر طارق بگٽي چيو ته جديد دور جي هاڪي سان ڪلهو ملائڻ لاءِ پرڏيهي ڪوچ جي ضرورت آهي، هاڪي تبديل ٿي چڪي آهي، پرڏيهي ڪوچَ کي ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ بهتر بڻائي سگهن ٿا.
هن چيو ته ٻن سالن دوران پاڪستان ٽيم کي دنيا جي ڇهن بهترين ٽيمن ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا، هاڻ پاڪستان جي ٽيم سمورن ايونٽن ۾ شرڪت ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته عيد کانپوءِ وزيراعظم سان ملاقات ڪري هاڪي مسئلن تي ڳالهائيندس، پي ايڇ ايف تي اڳ ئي اٺ ڪروڙ رپيا قرض آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.