نيوزيلينڊ خلاف سيريز، پاڪستان جي امڪاني اسڪواڊ جا نالا سامهون اچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪرڻ جو امڪان آهي.
ڪاڪول ۾ نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ مشاورتي عمل شروع ٿي چڪو آهي، قومي اسڪواڊ جي چونڊ بابت وائيٽ بال ڪپتان بابر اعظم ۽ قومي سليڪٽرن وچ ۾ صلاح مشورو جاري آهي.
ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان به ڪپتان ۽ سليڪٽرن سان ملاقات ٿي هئي.
ذريعن موجب، نيوزيلينڊ خلاف پنج ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪرڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان سپر ليگ دوران ڪلهي جي انجري جو شڪار ٿيندڙ فاسٽ بالر حارث رئوف مڪمل فٽ ناهي ٿي سگهيو پر هو ري هيب جاري رکندو.
ڪهڙا ڪهڙا رانديگر غور هيٺ آهن؟
ڪيويز خلاف سيريز ۾ غور هيٺ رانديگرن ۾ ڪپتان بابر اعظم، صائم ايوب، محمد رضوان، صاحبزاده فرحان، سلمان علي آغا، افتخار احمد، اعظم خان، شاداب خان، اساما مير، شاهين آفريدي، نسيم شاهه، عماد وسيم، محمد عامر شامل آهن.
ان کانسواءِ زمان خان، عثمان خان، وسيم جونيئر، عرفان نيازي ۽ عباس آفريدي جا نالا به غور هيٺ آهن، جڏهن ته اوپننگ بيٽر فخر زمان جي هٿ جي انجري جو جائزو ورتو پيو وڃي.
ياد رهي ته هلندڙ مهيني نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان اچي رهي آهي، سيريز جي شروعات 18 اپريل کان ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.