پ پ سنڌ مان سينيٽ جون 10 سيٽون کٽي ورتيون، آزاد اميدوار فيصل واوڊا به ڪامياب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ مان سيٽون جون 10 سيٽون کٽي ورتيون.
سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ جي 12 سيٽن تي 19 اميدوارن ۾ مقابلو هو، سينيٽ اليڪشن لاءِ پولنگ 4 وڳي تائين جاري رهي ۽ 154 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا.
ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله نتيجن جو اعلان ڪيو، نتيجن موجب پ پ سنڌ مان سينيٽ جون 10 سيٽون کٽي ورتيون آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ آزاد اميدوار هڪ – هڪ سيٽ حاصل ڪئي.
جنرل سيٽ تي پ پ جو اشرف علي جتوئي، دوست علي جيسر، ڪاظم علي شاهه، مسرور احسن، نديم ڀٽو، ايم ڪيو ايم جو عامر چشتي ۽ آزاد اميدوار فيصل واوڊا سينيٽر چونڊجي ويا.
عورتن جي سيٽ تي پ پ جي روبينا قائمخاني، قرت العين مري، جڏهن ته ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي سرمد علي ۽ ضمير گهمرو ڪامياب ٿيا.
اقليت جي سيٽ تي پ پ جو پنجو مل ڀيل سينيٽر چونڊجي ويو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پ پ آزاد اميدوار فيصل واوڊا جي حمايت جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.