بشريٰ بي بي کي بني گالا ۾ زهر ڏنو ويو، عمران خان جي دعويٰ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان اڊيالا جيل ۾ڪيس جي ٻڌڻي دوران دعويٰ ڪئي آهي ته سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي بني گالا ۾ زهر ڏنو ويو.
اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊز ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، ان دوران پي ٽي آءِ باني جو احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا سان مڪالمو ٿيو.
پي ٽي آءِ باني دعويٰ ڪئي ته شڪ آهي ته بشريٰ بي بي کي بني گالا ۾ زهر ڏنو ويو آهي، مان ڄاڻان ٿو ان جي پٺيان ڪير آهي.
هن استدعا ڪندي چيو ته عدالت بشريٰ بي بي جي مڪمل طبي معائني ۽ انڪوائري ڪرائڻ جو حڪم ڏئي.
عمران خان مطالبو ڪيو ته بشريٰ بي بي جو معائنو شوڪت خانم جي ڊاڪٽر عاصم يونس کان ڪرايو وڃي.
عدالت پي ٽي آءِ باني کي بشريٰ بي بي جي طبي معائني جي درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.