سفارتخاني تي اسرائيلي حملو، آمريڪا کي پيغام پهچائي ويو، ايران پاران ڀرپور جواب ڏيڻ جو ا علان

تهران (ويب ڊيسڪ ) ايران شام ۾ پنهنجي سفارتخاني تي اسرائيلي حملي جو جواب ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
گذريل ڏينهن دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي کانپوءِ ايران ” سخت ردعمل “ سان خبردار ڪيو آهي.
ايران جو چوڻ آهي ته هو اسرائيل جي حمايت ڪندڙ آمريڪا کي به جوابدار قرار ڏيندو.
ايراني صدر ابراهيم رئيسي به اسرائيل کي سفارتخاني تي حملي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته حملي جو جواب ضرور ڏنو ويندو.
ايراني پرڏيهي وزير حسين امر عبدالنهيان ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته حملي کانپوءِ ايران ۾ آمريڪي معاملن کي ڏسندڙ سوئس سفارتخاني جي اهلڪارن کي طلب ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته سوئس اختيارين کي اسرائيلي حملي بابت آگاهه ڪيو ويو ۽ ان ۾ آمريڪا جي ذميواري تي زور ڏنو ويو .
سندس چوڻ هو ته سوئس اختيارين ذريعي صهيوني حڪومت جي حمايتي آمريڪي حڪومت کي هڪ اهم پيغام به موڪليو ويو آهي.
ٻئي پاسي حزب الله به چيو آهي ته اسرائيلي حملي جو جواب ڏنو ويندو.
ياد رهي ته شام جي راڄڌاني دمشق ۾ موجود ايراني سفارتخاني تي اسرائيل جي هوائي حملي ۾ پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر سميت 8 ڄڻا مارجي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.