اسرائيل جو شام ۾ ايراني سفارتخاني تي حملو، پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر سميت 8 ڄڻا مارجي ويا

دمشق ( ويب ڊيسڪ ) شام جي راڄڌاني دمشق ۾ موجود ايراني سفارتخاني تي اسرائيل جي هوائي حملي ۾ پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر سميت 8 ڄڻا مارجي ويا.
ايراني ميڊيا موجب اسرائيل دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن کي ميزائل سان نشانو بڻايو جنهن سبب عمارت تباهه ٿي وئي.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملي ۾ انقلاب جي ڪمانڊر سميت 8 ڄڻا مارجي ويا آهن.
ايران جي سرڪاري ميڊيا دمشق ۾ سفارتڪارن جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته دمشق ۾ اسرائيلي حملي ۾ ڪيترائي ايراني سفارتڪار پڻ مارجي ويا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، دمشق ۾ اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويلن ۾ ايراني پاسداران انقلاب جي القدس برگيڊ جو سينيئر ڪمانڊر رضا زاهدي به شامل آهي.
ايراني ميڊيا موجب، ميزائل حملي ۾ قونصلر سيڪشن ۽ سفير جي رهائشگاهه کي نشانو بڻايو ويو.
اسرائيلي حملي کانپوءِ شام جي پرڏيهي وزير به ايراني قونصليٽ جو دورو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.