ججن جي خط واري معاملي تي سپريم ڪورٽ ۽ جسٽس(ر) تصدق جا يوٽرن؟

اسلام آباد (ع آ نيوز) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ 6 ججز جي خط واري معاملي تي ٺهيل انڪوائري ڪميشن تي تنقيد کانپوءِ يوٽرن وٺي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي ۽ ٻڌڻي لاءِ پنهنجي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني لارجر بئنچ جوڙي آهي. اها بئنچ اربع ڏينهن پهرين ٻڌڻي ڪندي، پر اهو واضح ناهي ته ٻڌڻي ٽي وي تي لائيو ڏيکاري ويندي يا نه. ٻڌڻي دوران 7 جج ڪهڙو موقف اختيار ڪندا اهو به اهم هوندو. ان بئنچ ٺهڻ کان ٿوري دير پوءِ انڪوائري ڪميشن جي سربراهه اڳوڻي چيف جسٽس تصدق جيلاني ڪميشن جي سربراهي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هن وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن خط لکي کيس آگاهه ڪيو. اها صورتحال حڪومت لاءِ پشيماني واري آهي، لڳي ٿو سياسي پارٽين ۽ وڪيل تنظيمن جي دٻاءَ کانپوءِ جسٽس تصدق جيلاني به يوٽرن ورتو. پي ٽي آءِ ۽ وڪيلن جو دٻاءُ ڪم ڪري  ويو. پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي 7 رڪني بئنچ کي وڌائي فل ڪورٽ کان ججز جي معاملي تي ٻڌي هلائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سينيئر صحافي منصور علي چيو ته ججن جا الزام سنگين آهي. سپريم ڪورٽ معاملي جي ٻڌڻي لائيو ٽي وي تي ڏيکاري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.