اڍائي سال گذرڻ باوجود پريا ڪماري جو ڏس پتو نه مليو،حڪومت ۽ پوليس لاچار

ڪراچي(م ڊ)بي بي سي لکيو آهي ته  پريا ڪماري 19 آگسٽ 2021 تي گم ٿي وئي هئي، جنهن جو اڍائي سال گذرڻ کانپوءِ به پتو نه پئجي سگهيو آهي.پوليس ڪيس کي ”بلائنڊڪيس“ قرار ڏنو آهي ۽ اختيارين جو چوڻ  آهي ته پريا جو هاڻ زندهه ملڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندو.پريا جي پيءُ راجو عرف راج ڪمار واقعي جي 3 ڏينهن کانپوءِ سنگرار ٿاڻي ۾ اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو پر ان وقت کان هو پنهنجي ڌيءَ جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي.ان دوران هن سياستدانن سان به رابطو ڪيو پر هاڻ هو مايوس ٿي چڪو آهي. بي بي سي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن جو چوڻ آهي ته اسان کيس ڳولي ڳولي  ٿڪجي پيا آهيون، خبر ناهي زمين کيس ڳهي وئي آهي يا آسمان  کائي ويو آهي.سکر پوليس پاران سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن کي ڏنل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جاچ دوران 1000 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي وئي ۽ 22 ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي وئي.ايس ايس پي سکر عابد بلوچ جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ايس ايس پيز هر ممڪن ڪوششون ڪيون ۽ جاچ جو دائرو پنجاب تائين وڌايو، هاڻ هو انساني انٽيليجنس ذريعي ڪجهه معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر پريا ڪماري بابت ڪجهه به معلوم ٿيڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندو. هوءَ جيئري آهي يا نه.’ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي مقامي سياسي سيد خاندان خلاف به الزام هنيا پيا وڃن پر هنن واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو هو.پوليس سيد خاندان جي 40 ملازمن کان به جاچ ڪئي. راج ڪمار اهو به چيو ته سيد خاندان سندس مدد ڪري رهيو آهي.سکر جي سينيئر صحافي فاروق سومرو جو چوڻ آهي ته هي ڪيس ايترو انڌو ناهي ڇو ته ان ۾ دير جا حربا استعمال ڪيا ويا. پهريان ڪيس دير سان داخل ٿيو، پوءِ چيف جسٽس نوٽيس جي وٺڻ تائين پوليس ڪا به سنجيده ڪوشش نه ڪئي. ان وقت تائين ڪافي دير ٿي چڪي هئي.”ظاهر ٿئي ٿو ته هنن پوليس آفيسرن وٽ ڪجهه ڄاڻ آهي پر ان کي دٻائي ڇڏيو آهي.پريا ڪماري جي اغوا خلاف گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميٽي ۾ آواز اٿاريو ويو.12 جولاءِ 2023ع تي سنڌي فائونڊيشن جي اڳواڻ صوفي منور لغاري هيومن رائيٽس ڪميٽي کي خطاب ڪندي پريا ڪماري جي اغوا جي واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هندو ڇوڪرين کي اغوا ڪري زبردستي مذهب تبديل ڪيو پيو وڃي.پريا ڪماري جي اغوا خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين احتجاج، بک هڙتالون ۽ لانگ مارچ جاري آهن. قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، قومپرست پارٽيون، وڪيلن سميت سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جون تنظيمون به مسلسل احتجاج ڪري رهيون آهن.ڊاڪٽر نذير کوکر جو چوڻ آهي ته هندن تي ظلم هڪ سازش آهي، ان کان اڳ به سنڌ جي ڪيترين ئي هندو نياڻين کي اغوا ڪيو ويو هو.سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽ ايڪس پڻ ”برينگ بيڪ پريا ڪماري“ جي نالي سان ٽرينڊ ڪرڻ شروع ٿيو. ماروي لطيفي لکي ٿي ته ”سنڌ ۾ ڏوهن جي ڪاررواين ۽ قانون ٽوڙڻ وارن کي ڪير سهولت فراهم ڪري ٿو؟ سنڌ ۾ امن امان جو ذميوار ڪير؟ لڳي ٿو ته اختياريون رڳو اسان جون زمينون ۽ وسيلا کسڻ لاءِ آهن شانل کوسو لکي ٿو ته ”هر ماءُ پريا ڪماري جي بازيابي ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهي آهي.عائشه خان لکيو ته پريا ڪماري کي 3 سال ٿي ويا آهن پر اڃا تائين هوءَ آزاد نه ٿي سگهي آهي. ڇا هوءَ سنڌ جي ڌيءَ ناهي؟ سڀ خاموش ڇو آهن؟ هن معصوم نياڻي لاءِ ڪير آواز اٿاريندو؟انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن عائشه ڌاريجو، جنهن تازو ئي پريا جي ماءُ سان ملاقات ڪئي هئي، لکيو آهي ته معصوم پريا ڪماري ڪنهن جي هٿن ۾ قيد آهي، هوءَ چوي ٿي ته ”راج ڪمار ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو، بعد ۾ هو پنهنجي زال سان به نه ملڻ نه ڏنو، بار بار چوندو رهيو ته اسان وڏن کان اجازت وٺون.سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو جو چوڻ آهي ته اربع ڏينهن سکر ۾ پريا ڪماري ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي، جنهن ۾ پوليس جي اڳڀرائي بابت ٻڌڻي ڪئي ويندي.صوبائي گهرو وزير ضياءالحسن لنجار جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ٽي ايس ايس پي ميمبر هوندا.سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر نذير کوکر جو چوڻ آهي ته پريا جو خاندان ۽ هندو برادري خوفزده آهي. اڳ ۾ احتجاج دوران ايندا هئا، پوءِ اچڻ بند ٿي ويا. مون کي پنچائت جي هڪ شخص چيو ته نه پريا جا والدين اچن ٿا ۽ نه ئي پنچائت، پوءِ ڇو احتجاج ڪري رهيا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.