عمر ايوب قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق عمر ايوب کي اپوزيشن ليڊر ڊڪليئر ڪري ڇڏيو.
اپوزيشن ليڊر لاءِ نامزد اميدوار عمر ايوب جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ٿي، ملاقات دوران اسپيڪر اياز صادق عمر ايوب جي درخواست جي تصديق ڪري ڇڏي.
اسپيڪر طرفان عمر ايوب خان کي اپوزيشن ليڊر ڊڪليئر ڪرڻ کانپوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي مقرري جو مرحلو مڪمل ٿي ويو .
ياد رهي ته اٺ فيبروري جي چونڊن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 86 آزاد ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي جنهن ۾ بئريسٽر گوهر ۽ عمر ايوب شامل نه هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.