رومانوي ڪاميڊي فلم ”دغاباز دل“ جو ٽريلر جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جلد ريليز ٿيندڙ رومانوي ڪاميڊي فلم ”دغاباز دل“ جو ٽريلر اچي ويو آهي، جنهن ۾ سمورن مرڪزي ڪردارن کي ڏيکاريو ويو آهي. ٽريلر مان ڪهاڻي سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي جڏهن ته ان فلم جي پوري ڪهاڻي کي سمجهڻ ڏکيو آهي.

ٽريلر ۾ ڏکاريو ويو آهي ته شادي نه ٿيڻ سبب مهوش حيات تي جنن جو اثر ٿيڻ جا امڪان ڏيکاريا ويندا آهن، کيس پيرن ۽ مرشدن کي ڏيکارڻ کانپوءِ شادي ڪرائڻ جو پروگرام ڪيو ويندو آهي. ٽريلر ۾ مهوش حيات جو هيرو علي رحمٰن هوندو آهي جيڪو سندس اداڪارا جي سوٽ جو ڪردار ادا ڪندو آهي، پر ٻئي ڄڻا شادي جي خلاف هوندا آهن.

ٽريلر ۾ مومن ثاقب کي علي رحمٰن جو دوست ڏيکاريو ويندو آهي، فلم ۾ هو مهوش حيات جي مدد ڪندي نظر ايندو آهي. فلم جي ڪاسٽ ۾ بابر علي، سليم شيخ، ليليٰ واسطي، شاعر علي زريون ۽ افتخار ٺاڪر سميت ٻيا اداڪار شامل هوندا آهن. فلم ۾ ڏسندڙن کي اردو سان گڏوگڏ پنجابي ٻولي ٻڌڻ ۾ ملندي ۽ رومانس سان گڏ ڪاميڊي به ڏسڻ وٽان ملندي. فلم جي ڪهاڻي محسن علي لکي آهي جڏهن ته وجاهت رئوف هدايتڪاري ڪئي آهي ۽ فلم کي بدر اڪرام ۽ شازيا وجاهت پروڊيوس ڪيو آهي. ”دغا باز دل“ عيدالفطر تي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ ريليز ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.