رمضان المبارڪ: مسجد الحرام جي ڀرپاسي مان 4 هزار کان وڌيڪ پينو گرفتار

مڪو پاڪ (ويب ڊيسڪ) رمضان مهيني ۾ پينو فقير وڏي انگ ۾ سعودي عرب پهچندا آهن، جن خلاف ڪارروائي جاري آهي.
عرب ميڊيا موجب سعودي پوليس مسجد الحرام جي ڀرپاسي مان 4 هزار کان وڌيڪ پينن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، کين قانوني سزا کانپوءِ واپس پنهنجي ملڪ موڪليو ويندو.
سعودي عرب جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پنڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته پيشيو پينو امن لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا ۽ انهن جي آڙ ۾ دهشتگرد تنظيمون به فنڊ گڏ ڪري سگهن ٿيون.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام ۾ سختي سان پنڻ کان روڪيو ويو آهي، تنهن ڪري ڪنهن کي صدقو خيرات نه ڏيو، پيشيور پينو منظم مافيا جو حصو آهن.
سعودي عرب جي گهرو وزارت چيو آهي ته مسجد الحرام کانپوءِ مسجد نبوي صه ۽ ٻين مقدس هنڌن سميت وڏين مسجدن جي ڀرپاسي پينن خلاف به آپريشن ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.