ٽي ٽوئنٽي سيريز، نيوزيلينڊ جا نامور ڪرڪيٽر پاڪستان نه ايندا؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي دوري لاءِ نيوزيلينڊ جي امڪاني ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ سامهون اچي وئي آهي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪيئي اهم ڪرڪيٽر انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) ۾ مصروفيت سبب اپريل ۾ پاڪستان خلاف رٿيل ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ غيرحاضر رهندا.
ڪين وليمسن، ڊيرل مچل، گلين فلپس، لوڪي فرگوسن، مچل سينٽنر، مئٽ هينري، راچن رويندرا، ڊيون ڪانوي ۽ ٽرينٽ بولٽ جهڙا ناميارا رانديگرن پاڪستان جي دوري تي نه ايندا.
امڪان آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان جي دوري لاءِ علائقائي ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي پيش ڪندڙ نوجوان رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويندو
هينري نڪولس نيوزيلينڊ جي ڊوميسٽڪ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون هيو جڏهن ٽام ليٿم به ڀرپور فارم آهي.
ٽيم مئنيجمينٽ نڪولس ۽ ليٿم جهڙن تجربيڪار بيٽرن ۽ ٽِم رابنسن ۽ چاڊ بوز جهڙي نوجوان بيٽرن وچ ۾ سلڪيشن لاءِ مقابلو آهي، رابنسن ۽ وِل ينگ هلندڙ سال سپر سميش ۾ سينچريون اسڪور ڪندڙ بيٽر آهن جڏهن ته بوز پاڪستان جي گذريل دوري دوران شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.