ٽيڪنو جو اسپارڪ 20 پروپلس متعارف

اسمارٽ فيون ٺاهڻ واري چيني ڪمپني ٽيڪنو پنهنجي مشهور اسپارڪ سيريز جو هاڻي تائين جو بهترين فون 20 پرو پلس متعارف ڪري ڇڏيو آهي.

ڪمپني پهريون ئي اسپارڪ 20، اسپارڪ 20 پلس کي متعارف ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي ڪمپني ان سيريز جو نئون فون 20 پرو پلس پيش ڪيو آهي.

اسپارڪ 20 پرو پلس ۾ 78-6 انچ اسڪرين ۽ 16 جي بي ريم جڏهن ته 256 جي بي ميموري آهي، فون جي بيڪ تي ٻه ڪيمرا آهن، جنهن جو مين ڪيمرا 108 ميگا پڪسل ۽ ٻيو 2 ميگا پڪسل آهي.

اهڙي ريت اسپارڪ 20 پروپلس ۾ 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا آهي ۽ ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته فون جي ڪيمرا ٽيڪنالوجي کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي ءٌ سيلفي ڪيمرا سان 2 ڪي وڊيو به ٺاهي سگهجي ٿي.

ڪمپني فون ۾ اينڊرائڊ 14 جي آپريٽنگ سسٽم، 5 هزار ايم اي ايچ بيٽري ۽ 33 واٽ چارجر سان گڏ متعارف ڪيو آهي. ڪمپني فوري طور تي اگهه جو اعلان ناهي ڪيو ۽ ان کي چين سميت مخصوص ملڪن ۾ وڪرو لاءِ متعارف ڪيو ويو آهي. امڪان آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ به اچي ويندو ۽ اگهه پاڪستاني 50 هزار رپيا هجڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.