”صلاح الدين ايوبي“جو اردو ۾ ٽريلر جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) 12هين صدي جي مشهور مسلمان ڪمانڊر ”سلطان صلاح الدين ايوبي“ جي زندگي تي ٻڌل پاڪستاني-ترڪ ڊراما سيريز جو پهريون ٽريلر اردو ڊبنگ ۾ اچي ويو آهي.

ڊراما سيريز ”صلاح الدين ايوبي“ کي  ڊسمبر 2021 ۾ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ اعلان ٿيڻ کان 3 سالن کانپوءِ مختصر ٽريلر ترڪش ٻولي ۾ سامهون اچي ويو آهي.

صلاح الدين ايوبي تي فلم ٺاهڻ لاءِ انصاري فلمز ۽ ترڪيا جي ايڪلي فلمز جي وچ ۾ آگسٽ 2021 ۾ سربيا ۾ معاهدو ٿيو هو.

ڊرامي جي شوٽنگ استنبول ۾ ٿي جڏهن ته ترڪي ٻولي ۾ تيار ڪيو ويو پر هاڻي ان کي اردو ڊب ۾ ريليز ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ريليز جي تاريخ اڃا تائين سامهون  ناهي آئي.

اهو طئي ٿيو ويو آهي ته ڊرامو ”هم انٽرٽينمنٽ“ تي هلايو ويندو جنهن جو ٽريلر به ان ئي خانگي چينل تي جاري ڪيو ويو آهي.

ڊرامي جي 3 ڪلاڪن جي پهرين قسط 13 نومبر تي ترڪيا ٽي وي ”ٽي آر ٽي“ تي هلي چڪي آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ ان جو پريمير به ٿيو هو جتي همايون سعيد، عدنان صديقي سميت ٻين پاڪستاني ۽ ترڪ پروڊيوسرز شرڪت ڪئي هئي.

واضح رهي ته صلاح الدين ايوبي (1198-1138) مصر۽ شام جو پهريون سلطان ۽ ايوبي سلطنت جو باني هو، جنهن صليبي رياستن جي خلاف مسلم فوج جي اڳواڻي ڪئي، سندس اڳواڻي ۾ سلطنت مصر، شام، يمن، عراق، حجاز ۽ ديارباڪر تي حڪومت ڪئي. 1187 ۾ حطين جي جنگ کانپوءِ صلاح الدين ايوبي يروشلم کي صلبي رياستن جي قبضي مان ٻيهر حاصل ڪيو جن 88 سال پهريون فلسطين تي قبضو ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.