کدڙن فقيرن لاءِ قبرستان جي زمين مختص ڪرڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ کدڙن فقيرن لاءِ قبرستان جي زمين مختص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ خيبر پختونخواهه جي گورنر غلام علي سان کدڙن فقيرن جي وفد گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي هئي، ملاقات ۾ کدڙن فقيرن جي وفد کين پيش مسئلن ۽ پنهنجي مطالبن کان آگاهه ڪيو.
وفد گورنر سامهون مطالبو ڪيو هو ته شهر ۾ کدڙن فقيرن لاءِ قبرستان جي جاءِ مختص ڪئي وڃي ۽ عالمن کي اسان جا جنازا پڙهائڻ لاءِ راضي ڪيو وڃي.
هاڻ وڏي وزير جي صلاحڪار مشال يوسفزئي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته کدڙن فقيرن لاءِ 5 ڪنال جي زمين قبرستان لاءِ مختص ڪري رهيا آهيون، کدڙن فقيرن جي اڪثريتي علائقن ۾ قبرستان لاءِ زمين مختص ڪنداسين.
هن چيو ته هر ڊويزن جي سرڪاري اسپتال ۾ کدڙن فقيرن لاءِ خاص وارڊ قائم هوندو، بهترين انتظامن سان گڏ کدڙن فقيرن جو علاج ڪري سگهبو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.