مڙس زال کي ڪرنٽ هڻي ماري ڇڏيو

ڇانگا مانگا (ويب ڊيسڪ) مڙس زال کي ڪرنٽ هڻي ماري ڇڏيو، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار طفيل کي گرفتار ڪري ورتو.
ڇانگا مانگا جي علائقي ڪيتن خورد ۾ مڙس زال کي ڪرنٽ هڻي ماري ڇڏيو.
صدر ٿاڻي جي پوليس مقتولا آسيه بي بي جي ڀاءُ ارشد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار طفيل کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس ٻڌايو ته ايف آءِ آر موجب جوابدار ٻي شادي ڪري ڇڏي هئي ۽ زال مڙس ۾ اڪثر جهيڙو ٿيندو رهندو هو.
ڪيس جي فريادي ٻڌايو ته 45 ورهين جي آسيه بي بي رُسي پيڪين وئي هئي، جنهن ڏينهن اڳ طفيل کيس پرچائي گهر وٺي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.