”پي ٽي آءِ باني تمام جلد آزاد ٿيندو ۽ وزيراعظم بڻجندو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته تمام جلد پي ٽي آءِ باني آزاد ٿيندو ۽ وزيراعظم بڻجندو.
صحافين سان ڳالهائيندي رئوف حسن چيو ته عدالتن کي هڪ ٽول طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پي ٽي آءِ باني جون ٻين ڪيسن ۾ به سزائون معطل ٿينديون.
هن چيو اميد آهي ته عدالتون بدترين سياسي انجنيئرنگ جو باب بند ڪنديون، ڪابينا ججن جي خط کي ڪوڙ قرار ڏنو، ڪابينا ڪميشن ٺاهڻ کان اڳ ئي ججن جي خط تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته اسان خط جي معاملي تي 7 رڪني بئنچ کي مرضي جو فيصلو ڪرڻ نه ڏينداسين، معاملي تي عدالتي ڪارروائي کي سڌي ريت نشر ڪيو وڃي ۽ خط تي فل ڪورٽ جوڙي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.