ٽڪ ٽاڪ تان پاڪستاني واهپيدارن جون ڪروڙين وڊيوز ڊيليٽ

وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2023 جي وچ ۾ پاڪستاني واهپيدارن جون پوڻا 2 ڪروڙ کان وڌيڪ وڊيوز ڊيليٽ ڪري ڇڏيون آهن. اهو انڪشاف ڪمپني پاران تازي رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ٽڪ ٽاڪ تي روزانو ڪروڙين وڊيوز اپ لوڊ ٿينديون آهي جنهن جي مواد جي جاچ ڪميونٽي گائيڊ لائنز جي اصولن تحت ڪئي ويندي آهي.

رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2023 جي وچ ۾ 17 ڪروڙ 46 لک هڪ هزار 963 وڊيوز کي ڪميونٽي گائيڊ لائنز خلاف ٿيڻ تي ڊاهيو ويو. اهو انگ ٽڪ ٽاڪ تي پوسٽ ٿيندڙ هن وقت تائين مجموعي وڊيوز جي هڪ سيڪڙو جي برابر آهي.

پاڪستان ۾ هن وقت تائين هڪ ڪروڙ 85 لک 96 هزار کان وڌيڪ وڊيوز کي ڊيليٽ ڪيو ويو آهي. ڪمپني موجب اٽڪل 95.3 سيڪڙو وڊيوز جيڪي گائيڊلائنز جي خلاف هونديون آهن انهن کي 24 ڪلاڪن جي اندر ڊيليٽ ڪيو ويندو آهي. ٽڪ ٽاڪ هڪ ڪروڙ 98 لک 48 هزار 855 اهڙا اڪائونٽ به پليٽ فارم تان ختم ڪيا جيڪي 13 سالن کان گهٽ ڄمار وارن ٺاهيا هئا.

رپورٽ موجب ڪميونٽي گائينڊلائنز سان گڏوگڏ اسپام اڪائونٽس ۽ اهڙو مواد به هدف بڻايو ويو آهي ۽ پاڻمرادو اسپام اڪائونٽس ختم ڪرڻ لاءِ تجربا ڪيا پيا وڃن.

ڪمپني پاران مواد جي جاچ لاءِ جديد ٽيڪنالوجي ۽ انساني جائزن جو گڏيل استعمال ڪري نشاندهي ڪئي پئي وڃي ۽ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.