مودي حڪومت ڪيجريوال کي بدنام زمانه جيل تهاڙ ۾ واڙي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) عام آدمي پارٽي جي اڳواڻ ۽ نئين دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال کي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ رکيو ويو آهي.
ڪيجريوال کي ڪرپشن جي الزام ۾ انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ 21 مارچ تي گرفتار ڪيو هو، کيس سومر ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ڪيجريوال جو 14 ڏينهن جو رمانڊ ڏئي ڇڏيو.
ان کان اڳ دهلي جي وڏي وزير کي جسماني رمانڊ تي انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ حوالي ڪيو ويو هو.
سومر ڏينهن انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ ڪيجريوال جو وڌيڪ رمانڊ نه گهريو پر عدالت سامهون دعويٰ ڪئي ته هو جاچ ۾ سهڪار نه پيو ڪري ۽ گمراهه ڪندڙ جواب ڏئي رهيو آهي.
مودي جي حامين ڪيجريوال کي وڏي وزير طور پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جي درخواست به داخل ڪئي آهي، جنهن تي دهلي هاءِ ڪورٽ انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ کان جواب گهري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.