ٺل ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي پوليس اهلڪار سميت ٻه ڄڻا قتل

جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) ٺل ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي پوليس اهلڪار سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا.
ٺل ويجهو انڙ اسشيشن لڳ سماجي ورڪر وفادار سندراڻي پنهنجي پٽن سان گڏ گهر وڃي رهيو هو ته هٿياربندن اڳ جهلي ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن گوليون هڻي سندس نوجوان پٽ 25 ورهين جي سليمان سندراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب ٻيو پٽ محمد دائود زخمي ۽ پوليس اهلڪار اسد الله سندراڻي زخمي ٿي پيو.
زخمي پوليس اهلڪار اسد الله ۽ محمد دائود کي اسپتال نيو ويو، جتان زخمي پوليس اهلڪار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو، جتي زخمن جي سٽ نه سهندي هن دم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.