ٻن مختلف مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ عينڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ ٽيڪنالاجيڪل ڪمپني اهڙي عينڪ ٺاهي آهي جيڪا ان کي پائيندڙ جي خواهش تي پنهنجي نوعيت تبديل ڪري سگهي ٿي.

ڊيپ آپٽڪس نالي ڪمپني 32 ڊگري نارٿ نالي عينڪ متعارف ڪرائي آهي جيڪا پڪسليتڊ ليڪويڊ ڪرسٽل ( ايل سي ) لينس جو استعمال ڪري ٿي. هي عينڪ اس کان بچاءَ ۽ پڙهڻ، ٻنهي مقصدن لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي.

پڪسليٽڊ ليڪويڊ ڪرسٽل واري عينڪ 2017 کان موجود آهي پر ڊيپ آپٽڪس هن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي هڪ عينڪ کي ٻن مختلف مقصدن ۾ استعمال ٿيڻ جوڳو بڻايو آهي.

عينڪ جو فريم هڪ ئي سوائيپ ۾ لينس کي ايڊجسٽ ڪري ٿو، جڏهن اوهان کي اس ۾ نڪرڻو هجي ته ساڄي پاسي واري فريم پٺيان سوائيپ ڪريو ۽ ڪجهه پڙهڻو هجي ته ٻيهر ان جي پٺئين پاسي سوائيپ ڪريو.

لينس پاور کي ٻڙي کان 2.5 تائين وڌائي سگهجي ٿو ۽ گهٽ وزن بلٽ ان بيٽري 48 ڪلاڪن تائين عينڪ کي چارج رکي سگهي ٿي.

ڪمپني ان حوالي سان چيو آهي ته اسان جي ٽيڪنالاجي ايل سي لينز جو استعمال ڪندي نظرن جي خرابي کي درست ڪري ٿي. لينس انساني اک جيان ڪم ڪندا آهن، پهرڻ واري کي پنهنجي مرض موجب ڏسڻ جي سهولت ڏين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.