پي سي بي بابر اعظم کي ڪپتان بڻائڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بابراعظم کي ڪپتان بڻائڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو جڏهن ته شاهين جو موقف به اچي ويو آهي.
پي سي بي جو موقف آهي ته هڪ اسٽريٽيجڪ قدم تحت بورڊ وائيٽ بال جي قيادت کي تبديل ڪيو آهي جنهن جو مقصد رانديگرن جي اعليٰ ڪارڪردگي کي يقيني بڻائڻ آهي .
بورڊ موجب، اِهو فيصلو فاسٽ بالرن کي گذريل ٻن ورهين دوران ٿيل انجريز کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، ڪم جي ٻوجهه کي ذهن ۾ رکندي هي فيصلو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته پاڪستان جا اهم بالر پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏين.
پي سي بي نٿو چاهي ته قومي ٽيم بالنگ ريسورسز جي حوالي سان انجريز جي بحران جو شڪار ٿئي جيئن آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2022ع ۽ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع جي موقعي تي ڏٺو ويو هو .
ان کانسواءِ شاهين آفريدي جو چوڻ آهي ته پاڪستان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتاني ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه هئي، سدائين انهن يادن ۽ موقعي کي ياد رکندس، رانديگر طور منهنجو فرض آهي ته پنهنجي ڪپتان بابر اعظم جي حمايت ڪيان.
شاهين آفريدي چيو ته بابر اعظم جي ڪپتاني ۾ کيڏيو آهيان ۽ سندس لاءِ احترام موجود آهي، مان ميدان جي اندر ۽ ٻاهر سندس مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
هن چيو ته اسان سڀ هڪ آهيون، اسان جو مقصد هڪ ئي آهي ۽ اِهو پاڪستان کي دنيا جي بهترين ٽيم بڻائڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.