ٽڪ ٽاڪ کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ انسٽاگرام ريلز لاءِ اهم فيچر جو واڌارو

انسٽاگرام ريليز لاءِ هڪ نئين فيچر کي متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو اڃا ٽڪ ٽاڪ ۾ به موجود ناهي.

واضح رهي ته انسٽاگرام ۾ ٽڪ ٽاڪ جهڙي مختصر وڊيوز جي سيڪشن کي ريلز جو نالو ڏنو ويو آهي. انسٽاگرام ريلز لاءِ اهڙو نئون فيچر متعارف ڪرايا پيو وڃي جنهن سان ريلز وڊيوز بابت ريڪيومينڊيشنز جي هڪ پرائيويٽ فيڊ ٻن ماڻهن تي ٻڌل هوندي. ڪمپني ان فيچر جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اڃا ان تي تجربا هلي رهيا آهن.

رپورٽ موجب جڏهن توهان ڪنهن دوست کي بلينڊ لاءِ انوائيٽ ڪندا ته انسٽاگرام پاران ريلز جي اهڙي فيڊ تيار ٿيندي جيڪا ٻن هم خيال ماڻهن جي هوندي. بلينڊ فيڊ ريلز وڊيوز جواهڙو ريڪيومنڊيشنز جو سيڪشن آهي جيڪو توهان ۽ توهان جو دوست ڏسي سگهندو، ان ۾ هڪ ٻئي ڏي وڊيوز ونڊ ڪندا. ان فيڊ تائين ٻين ماڻهن جي پهچ نه هوندي ۽ رڳو ٻه ماڻهو ئي ڏسي سگهندا، جڏهن ته واهپيدار ڪڏهن به ڇڏي سگهن ٿا.

انسٽاگرام فلحال اهو ناهي ٻڌايو ته ڪڏهن اهو فيچر واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو ڇاڪاڻ ته ان تي تجربا هلي رهيا آهن. ان کانسواءِ انسٽاگرام تي فرينڊ ميپ نالي فيچر جي واڌ به ڪئي پئي وڃي جنهن سان واهپيدار هڪ ٻئي سان لوڪيشن ونڊ ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.