واٽس ايپ ۾ هاڻي چيٽ وڌيڪ محفوظ ٿيندي

واٽس ايپ پاران واهپيدارن کي پرائيويسي تي گهڻو ڪم ڪيو ويندو آهي هاڻي ان سلسلي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

ان لاءِ ميٽا جي ملڪيت هيٺ ڪم ڪندڙ ميسيجنگ ايپ پاران چيٽ لاڪ فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڪم جاري آهي. واضح رهي ته چيٽ لاڪ فيچر مئي 2023 تي موبائل ايپس لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن ذريعي مختلف چيٽس کي هڪ فولڊر ۾ محفوظ ڪيو ويندو هو.

لاڪ ٿيندڙ چيٽ تائين پهچ لاءِ سيڪريٽ ڪوڊ ڄاڻڻ ضروري هوندو آهي. پر ان فيچر ۾ هڪ خامي اها آهي ته رڳو مين ڊيوائس ۾ ئي چيٽ لاڪ ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته لنڪڊ ڊيوائسز تي لاڪ ناهي هوندي. پر ان خامي کي ختم ڪيو پيو وڃي.

خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب واٽس ايپ پاران نئين فيچر سان لنڪڊ ڊيوائسز تي به چيٽ لاڪ رهندي. سمورن ڊيوائسز تي چيٽ لاڪ سان ٻين واهپيدارن جي نظر کان ڳالهه ٻولهه کي ڳجهو رکيو ويندو چاهي ٻيا ماڻهو لنڪڊ ڊيوائسز تي کولڻ جي ڪوشش ڪن.

واضح رهي ته لاڪ چيٽس جي لسٽ کي کولڻ لاءِ سيڪرٽ ڪوڊ گهربل هوندو آهي جنهن سان سڀين ڊيوائسز جي سيڪيورٽي محفوظ رهندي.

اها ڄاڻ ناهي ته اهو فيچر واهيپدارن جي عام استعمال لاءِ ڪڏهن متعارف ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.