پريا ڪماري جي آزادي لاءِ حڪومت پاران ڪا به اڳڀرائي نه ٿي،مظاهرا جاري

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) پريا ڪماري آزاد نه ٿي، سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري، شهيد بلقيس چانڊيو آرگنائيزيشن سنڌ ۽ وطن پاڪستان امن فورم جي سڏ تي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب  سامهون مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ وڪيل برادري ۽ سماج سڌارڪن سميت وڏي انگ ۾ فورم جا ڪارڪن شريڪ هئا. مظاهري جي اڳواڻي وڪيل نثار چانڊيو. نظير قريشي. عبداللطيف چانڊيو. دليپ ڪمار ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پريا ڪماري سنڌ جي نياڻي آهي. جيڪا ڪيترن ئي سالن کان ظالمن جي قيد ۾ آھي. پر سنڌ جي حڪمرانن ظالمن کي بچائڻ لاءِ معصوم نياڻي جي زندگي داء  تي لڳائي ڇڏي آھي. پريا جي آزادي لاءِ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي. حڪمرانن کي خبر هجڻ باوجود ته پريا ڪنهن وٽ قبضي ۾ آھي پر کيس انهن وٽان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي تيار نه ٿي ڪري. هنن چيو ته ملڪ جا تحفظ ڏيندڙ ادارا به پنهنجون نوڪريون ۽ پروموشن حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو فرض نڀائڻ بجاءِ ڪن لاٽار ڪري رهيا آهن. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين وس وارن ادارن کان گهر ڪئي ته معصوم نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي،هوڏانهن  سنڌ سجاڳي فورم ملير پاران پريا ڪماري جي بازيابي ۽ قومي ڪارڪن هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌ سجاڳي فورم ملير جي ڪارڪنن مرڪزي صدر سارنگ جويو، نائب صدر ياسين جُهلڻ، غني عاجز، سڪندر اوٺو، سانول زهراڻي، مڪيش ڪمار، وقار ڪوري، ناري تحريڪ اڳواڻ عروج سنڌو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنگرار جي هندو ناري پريا ڪماري کي وقت جي رهزنن اغوا ڪري سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري سان هڪ وڏي سازش ڪئي آهي اسان هن سازش ۾ ملوث هر ان شخص کي قومي غدار سمجهون ٿا. سنڌ صدين جي تهذيب رکندڙ هڪ وطن آهي جنهن ۾ هندو برادري جو هڪ وڏو ڪردار ۽ قرباني شامل آهي اسان سمجهون ٿا ته پريا ڪماري رڳو هڪ گهراڻي يا هڪ ذات جي نياڻي نه پر سڄي قوم جي نياڻي آهي، پريا ڪماري جي اغوا بابت کوڙ ساريون افواهون گردش ڪري رهيون آهن پر اسان سمجهون ٿا ته اها هڪ وڏي سازش آهي هنن چيو ته سينيئر قومي ڪارڪن هدايت لوهار کي پڻ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه هيٺ قتل ڪيو ويو جيڪا پڻ هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي اهڙن سازشن کي بي نقاب ٿيڻو پوندو سنڌ جيڪا اڳ ۾ ئي ڏتڙيل آهي اتي اغوا ڪاري توڙي قتل و غارت جا معاملا سنگين نوعيت اختيار ڪري چڪا آهن حڪومت توڙي قانون نالي ڪا شئي نظر نٿي اچي هوڏانهن منظورآباد ۾ آءِ آر سي اسڪول جي  شاگردن ۽ شاگردياڻين عورت استادن  جو معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ايس يو پي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ميڊم ياسمين ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مئڊم ياسمين ٿيٻو چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت عروج تي پهتل آھي 22 مهينن کان سکر جي علائقي جي معصوم ٻارڙي ظالمن جي چنبي ۾ قيد آھي پر حڪومت کيس بازياب نه ڪرائي سگهي آھي ٻئي پاسي شھدادڪوٽ جي وڪيلن بار آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پريا ڪماري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو،ان موقعي تي ضلعي بار قمبر شھدادڪوٽ جي صدر نامياري وڪيل منير احمد کھاوڙ،محمد يوسف مگسي،نادرا سيلرو،محمد رفيق خشڪ،لياقت علي ڀرڳڙي ۽ ٻين چيو ته حڪومت ۽ عدليه جي نوٽيس وٺڻ باوجود به  پوليس پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي نه سگهي آهي ٻئي پاسي جسقم جساف گھوٽڪي طرفان سنگرار واسڻ پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ معصوم ٻارڙن سُميت گھوٽڪي پريس ڪلب اڳيان جسقم جساف اڳواڻن حبيب الله گھوٽو،نصرالله ڪلادي،محبوب گھوٽو،رشيد سنڌي،وھاب سھتو،محمد اعظم ٿھيم،ڪامريڊ بادل ملڪ،اياز لطيف دايو،آغا جليل،احسان ڪلادي،اياز ڪلادي،معصوم ٻارڙن صنعان گھوٽو،علي حسين،ايان علي،سڌير احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته  معصوم پريا ڪماريءَ جي امڙ ھنجون ھاري روئي رھي آھي هوڏانهن پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سيتا سرجڻھار فورم پارن شروع ڪيل جدوجهد جي 4 ڏينهن به فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سيتاروڊ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شھزاد علي ميمڻ، علي اڪبر خانزادو، آصف خانزادو، عبدالرزاق سيال، آذان ميمڻ، عبدالصمد چھواڻ ۽ ٻيا سياسي سماجي ڪارڪن مظاهري ۾ شريڪ ٿيا ان موقعي تي فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ چيو ته پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل سمورا ٻار بازياب ڪرايا وڃن پريا ڪماري جي بازيابي تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.