ڪراچي ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي

ڪراچي ( رپورٽر ) پورھيت مزاحمت تحريڪ طرفان پريا  ڪماري سميت ٻين مغوين جي آزاديءَ لاءِ آرٽس ڪائونسل ڪراچي کان ڪراچي پريس ڪلب طرف ريلي ڪڍي وئي. سکر جي سنگرار واري علائقي مان تقريبن اڍائي سالن کان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي آزاديءَ لاءِ سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. ان سلسلي ۾  پورھيت مزاحمت تحريڪ جي صدر ڪامريڊ مسرور شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ نثار لغاري جي اڳواڻي ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي کان ڪراچي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر کي عام ڪرڻ جي پٺيان رياست جا ھٿ آھن، ڌاڙيلن کي جديد ھٿيار فراهم ڪيا پيا وڃن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت امن امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي، اغوا، ڦرون قتل روز جو معمول بڻيل آهن. ھنن سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي فوري طور تي آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.