عثمان خان جو يو اَي ايِ بدران پاڪستان لاءِ کيڏڻ جو فيصلو صحيح يا زندگيءَ جي وڏي غلطي ؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽريننگ ڪئمپ فوجي نگراني هيٺ ڪاڪول ۾ جاري آهي، جنهن ۾ تازو ئي ختم ٿيندڙ پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جو ٽاپ اسڪورر عثمان خان به شريڪ آهي.
عثمان خان پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جي پڄاڻي تائين پرڏيهي ڪرڪيٽر طور ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪري رهيو پر هاڻي پاڪستان طرفان کيڏڻ لاءِ پراميد آهي.
سندس امڪاني سليڪشن ۾ جتي پاڪستان سپر ليگ نائين ۾ ٻن سينچرين جو عمل دخل آهي اتي سندس جارحاڻي بيٽنگ جو به هٿ آهي جنهن ملتان سلطانز کي فائنل تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
عثمان خان جي ڪيريئر ۾ اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ جو به وڏو هٿ هو ۽ هو ايندڙ سال يو اَي ايِ جي قومي ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ مضبوط اميدوار هو، پر جيڪڏهن کيس پاڪستاني ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو اِهو موقعو وڃائي ويهندو.
ذريعن موجب، عثمان خان پي سي بي سان مشاورت کانپوءِ اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ کي پنهنجي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي، اطلاع آهن ته اماراتي بورڊ عثمان جي اهڙي روش تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
جيڪڏهن عثمان خان کي پاڪستان ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو ته اماراتي بورڊ مٿس ڪانٽريڪٽ جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ ڏنڊ يا مقامي ليگز ۾ شرڪت تي پاپندي مڙهي سگهي ٿو .
ان جي ابتڙ جو جيڪڏهن فٽ رهيو ته پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشڻل ٽيم جي نمائندگي ڪري نه رڳو نيوزيلينڊ ۽ آئرلينڊ خلاف سيريز پر هلندڙ سال عالمي ڪپ جو به حصو هوندو.
اِهو پهريون ڀيرو ناهي جڏهن ته ايسوسي ايٽ ملڪ جي ڪنهن رانديگر کي ڪنهن انٽرنيشنل ٽيم سٺي ڪارڪردگي کانپوءِ سليڪٽ ڪيو آهي، ويجهڙائي واري عرصي ۾ ٽِم ڊيوڊ آسٽريلوي ٽيم جو حصو بڻيو هو.
پر ڇا عثمان خان جي پاڪستان ٽيم ۾ سليڪشن سندس ڪيرئير لاءِ ۽ پاڪستان سٺو فيصلو ثابت ٿيندو؟ اِهو معاملو ڪرڪيٽ حقلن ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي.
ڪرڪيٽ ماهرن موجب، عثمان خان جو ڳاڻيٽو اهڙن نوجوان ڪرڪيٽرن ۾ ٿيندو آهي جيڪي جديد ڪرڪيٽ جي گهرجن تي پورو لهن ٿا.
هن تازو ئي پاڪستان سپر ليگ جي نائين سيزن ۾ 7 ميچن ۾ ٻن سينچرين ۽ ٻن ففٽين جي مدد سان چار سئو ٽيهه رنسون ٺاهي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو، پر ان شاندار ڪارڪردگي پٺيان اِهو تجربو به هو جيڪو هن اماراتي رانديگر طور گذريل ڪجهه سالن دوران حاصل ڪيو.
عثمان خان ڏهه مارچ 1995ع ۾ ڪراچي ۾ جنم ورتو، 2017ع ۾ پاڪستان ۾ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏي پر ان کان اڳ هو ڪيئي مقامي ٽي ٽوئنٽي ليگز ۾ شرڪت ڪئي.
پاڪستان ۾ بهتر موقعو نه ملڻ سبب هو مايوس ٿي امارات هليو ويو جتي هڪ خانگي ڪمپني ۾ نوڪري ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف مقامي ٽيمن جي نمائندگي ڪندي اماراتي سليڪٽرن جي نظرن ۾ آيو.
عثمان خان کي سندس شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ سينٽرل ڪانٽريڪٽ به ڏنو هو جنهن بعد سندس يو اَي ايِ جي ٽيم سليڪشن جو امڪان وڌي ويو هو.
عثمان خان کان اڳ به ڪيئي پاڪستاني ۽ ڀارت ڄاوا ڪرڪيٽر يو اي اي جي قومي ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪا آهن، پر کين ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ اتان جي ورڪ پرمٽ حاصل ڪري ڪجهه عرصي لاءِ اتي رهائش اختيار ڪرڻي پوندي آهي.
عثمان خان به ائين ئي ڪيو هو ان ئي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڪري بنگلاديش پريميئر ليگ ۽ انٽرنيشنل ليگ ٽي ٽوئنٽي سان گڏوگڏ ابوظهبي ٽي ٽين ۽ ڪئناڊا ۾ گلوبل ٽي ٽوئنٽگھي ۾ مختلف ٽيمن جي نمائندگي ڪندي نظر آيو.
عثمان خان هنيئر تائين پاڪستان جي قومي ٽيم جي نمائندگي ناهي ڪئي نه ئي گڏيل عرب رياستن طرفان کيڏيو آهي، پر پاڪستان ۾ پيدا ٿيڻ سبب کيس هتي ڪنهن به قسم جي پريشاني جو منهن نه ڏسڻو پوندو.
جيڪڏهن هو پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته کيس انٽرنيشنل ليگز تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ ٽاپ آرڊر بدران ان پوزيشن تي کيڏڻو پوندو جيڪا کيس ڏني ويندي.
پي ايس ايل نائين دوران صائم ايوب اوپنر طور سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري چڪو آهي جڏهن ته محمد رضوان ۽ بابر اعظم ٽاپ ٿري تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهن.
مڊل آرڊر بيٽر افتخار احمد جهڙي جارحاڻي بيٽر جي موجودگي ۾ عثمان خان وٽ رڳو نمبر چار ۽ پنج تي بيٽنگ ڪرڻ جو آپشن هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.