ڀارتي سفير پاڪستان جي افطار ڊنر جي دعوت هوا ۾ اڏائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ موجود ڀارتي سفير دعوت ملڻ باوجود پاڪستان طرفان ڏنل افطار ڊنر ۾ شرڪت نه ڪئي.
ذريعن موجب پاڪستان پرڏيهي وزارت ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ ٻين ملڪن جي سفيرن سميت پاڪستان ۾ مقرر ڀارتي سفير کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار طرفان دعوت وصول ٿيڻ باوجود ڀارتي سفارتڪار افطار ڊنر ۾ شرڪت نه ڪئي، جيڪو سفارتي ادبن ۽ روايتن جي خلاف آهي.
ڀارتي سفارتڪار نه افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪئي، نه شرڪت کان معذرت ڪئي ۽ نه ڪو خط موڪليو.
ان کان اڳ ڊپلوميٽڪ ڪور لاءِ آخري افطار ڊنر 2022 ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ڏنو هو، ان ۾ ڀارتي سفارتڪار شرڪت ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.