افطاري وقت ڏسي ڪجي يا اذان ٻڌي؟ عالمن وضاحت ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمن روزو افطار ڪرڻ جي وقت جي حوالي سان ماڻهن جي رهنمائي لاءِ وضاحت بيان ڪئي آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ علامه رضا دائوداڻي ۽ مفتي اڪمل قادري ڏسندڙن طرفان فون تي ڪيل سوالن جا جواب ڏنا.
هڪ عورت ڪالر پڇيو ته رمضان مهيني ۾ اسان کي جيڪي ڪئلينڊر ملندا آهن، انهن تي جيڪو سحري ۽ افطاري جو وقت لکيل هوندو آهي ان تي عمل ڪيو وڃي يا ويجهي مسجد مان اذان ٻڌي روزو رکيو يا افطار ڪيو وڃي.
ان سوال جي جواب ۾ علامه رضا دائوداڻي چيو ته ان ڳالهه جو دارومدار توهان جي اطمينان تي آهي، سحري ۽ افطاري جو وقت مقرر آهي، اذان ٿيڻ معيار ناهي، ان جو صحيح وقت تي هجڻ معيار آهي.
اهڙو ئي جواب مفتي اڪمل قادري به ڏنو ته سحري ۽ افطاري جو وقت اهميت رکي ٿو اذان ٿيڻ جو نه، ڇو ته اذان غلطي سان ڪجهه وقت اڳ يا پوءِ ڏئي سگهجي ٿي، جيڪڏهن توهان کي مسجد جي موذن تي اعتماد آهي ته ڪو مسئلو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.