ڪي پي ۾ سينيٽ چوڊ ملتوي ڪرڻ جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو عدالت ۾ چئلينج

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن جي ميمبرن کان حلف نه وٺڻ تي سينيٽ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي معاملي تي اعظم سواتي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي وڪيل علي عظيم آفريدي ايڊووڪيٽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊون ملتوي ڪرائڻ غير قانوني آهي، اليڪشن ڪميشن سينيٽ اميدوارن کي ٻڌڻ بنا فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جن کي ٻڌو اهي به چونڊيا، حلف به نه ورتو.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته درخواستگذار اعظم سواتي سينيٽ اميدوار آهي، کيس نه ٻڌايو ويو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان سينيٽ جو چونڊ عمل متاثر ٿيندو ۽ سينيٽ چونڊون وقت سر يقيني بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ميمبرن کان حلف نه وٺڻ تي سينيٽ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.