عام انٽرنيٽ کان 45 لک ڀيرا تيز هلندڙ انٽرنيٽ

برمنگهم(ويب ڊيسڪ) ماهرن انٽرنيٽ اسپيڊ جو نئون ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو آهي جيڪو موجوده براڊبينڊ جي رفتار کان 45 لک ڀيرا تيز آهي.

پرڏيهي اداري جي رپورٽ موجب ماهرن سميت هڪ عالمي ٽيم عام طور تي استعمال ٿيندڙ آپٽيڪل فائبر جي مدد سان 301 ٽيرا بٽس في سيڪنڊ جي رگتار سان هلندڙ انٽرنيٽ هلائي نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي.

ايسٽن يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ ڪامياب تجربي سان هاڻي انٽرنيٽ بنا رنڊڪ جي تيز هلي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.